سنڌ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 4301 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 4301 ٿي ويو آهي جڏهن ته 9077 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 296 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 4301 ٿي وئي جيڪي 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهن. مراد علي شاهه چيو ته 9077 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 296 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي جيڪي 3.3 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2967917 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 256740 ڪيس سامهون آيا انهن مان 93.5 سيڪڙو يعني 240057 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 771 مريض به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 12382 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 11946 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 425 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 387 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 55 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 296 نون ڪيسن مان 159 ڪراچي جا آهن جن مان ضلع اوڀر 73، ضلع ڏکڻ 25، ضلع سينٽرل 22، ضلع اولهه 17، ضلع ملير 13 ۽ ضلع ڪورنگي 9 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 33، ڄامشورو 28، گهوٽڪي 25، دادو 15، جيڪب آباد 8، عمرڪوٽ 5، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو محمد خان 4-4، سکر 2، ڪشمور، نوشهروفيروز، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو