ڪابينا پاران سبسڊي تي سولر ٽيوب ويلز جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا سولر ٽيوب ويلز ۽ زرعي اوزارن جِي مد ۾ سبسڊي جِي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران وڏي وزير طرفان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪولڊ اسٽوريج ٺاهڻ جِي هدايت، زراعت کاتي کي لينڊ ليولَرس ۽ ٻيا زرعي اوزار خريد ڪرڻ لاءِ اسڪيم جوڙڻ جِي به هدايت، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت رڳو ننڍن آبادگارن کي سبسڊي ڏيندي، زرعي شعبي ۾ سولر ٽيوب ويلز جِي وڏي ڊمانڊ آهي، اُن تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي، ڪابينا ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 7 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جِي به منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا جو چوڻ آهي ته 5 ايڪڙ زمين تي اين ٽي ڊي سي طرفان 220 ڪي وي جي گريڊ اسٽيشن تيار ڪئي ويندي، اين ٽي ڊي سي کي اها زمين مارڪيٽ اگهه تي ڏني ويندي، نوابشاهه ايجوڪيشن بورڊ لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ريٽائر ٿيندڙ ملازمن کي پينشن جي ادائگي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ استادن جي بدلين تي پابندي ختم ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي ته نوان اسڪولن ۾ استادن جي مقرري، شادي بعد فيميل ٽيچرز جي بدلين سميت ڪافي مسئلا آهن پابندي ختم ٿيڻ گهرجي، 30 ٻارن تي هڪ استاد واري پاليسي تي عمل ۾ به رڪاوٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو