يوٽيلٽي اسٽور جي ويئر هائوس تان 70 لک جي ڦر

گهوٽڪي(ن سنڌيار) نامعلوم چور يوٽيليٽي اسٽور جي ويئر هائوس مان 70 لک روپين جي ماليت جو سامان ٻن ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري کڻي ويا. چوڪيدارن جا هٿ پير ٻڌي، سندن موبائيل فون به کسي ويا. گذريل رات دير سان ٿيل واردات ۾ ٻه 10 ويلر ٽرڪون سامن جون ڀري کڻي ويا. چورن آرام سان ٻن ويئر هائوسز مان مختلف برانڊ جي چاءِ پتي، صرف، صابڻ، مصالحه، کنڊ جا ڪٽا ۽ ٻيو قيميتي سامان ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري کڻي ويا. چوڪيدارن موجب هٿيار بند ڦورن کانئن مارڪٽ ڪري سامان لوڊ ڪرايو ۽ ترتيب سان ٽرڪن ۾ رکندا ويا. هنن پوليس کي ٻڌايو ته ڦورن جي روانگي جي ڪلاڪ بعد هو ٻاهر آيا ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو، سندن چون آهي ته کين خبر ناهي ته چور سامان ڪيڏانهن کڻي ويا. چوڪيدارن جو چوڻ آهي ته ڦورو پاڻ ۾ اردو پشتو واري انداز ۾ ڳالهائي رهيا هئا. اطلاع ملڻ بعد يوٽيليٽي اسٽورز جي آڊٽ ٽيم نقصان جي درست اندازي لاءِ پهچي وئي آهي ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. هواڏنهن ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ پوليس نفري ساڻ ڪري جاءِ واردات جو دورو ڪيو ۽ ملازمن جا بيان قلمبند ڪرايا. ياد رهي ته هي پنهنجي نوعيت جي پهرين ڦر آهي جنهن ۾ آرام سان بنا ڊپ جي سامان ٻن ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري چور کڻي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز جي عملي جي ملي ڀڳت کانسواءِ واردات ممڪن ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو