ضمانت رد ٿيڻ بعد قناصرو ۽ دائودپوٽو گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جَي سياحت کاتي ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڊائريڪٽر روشن قناصرو ۽ مرتضيٰ دائود پوٽو جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد نيب کين گرفتار ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن الطاف ميمڻ ۽ محمد اعظم جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جڏهن ته عدالت وڌيڪ ٻن جوابدارن جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو