ڊونلڊ ٽرمپ خلاف موخذي جي رٿ رد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) مواخذي کي منهن ڏيندڙ اڳوڻو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سزا کان بچي ويو، امريڪي سينيٽ ٽرمپ کي بري ڪري ڇڏيو، 57 ميمبرن ٽرمپ کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جي حق ۾ ۽ 43 ميمبرن مخالفت ۾ووٽ ڏنا، ڊيموڪريٽس پاران ٽرمپ مٿان 6 جنوري تي حامين کي پارليامينٽ تي حملي لاءِ اتساهڻ جو الزام هو، ياد رهي ته 100 سيٽس تي ٻڌل سينيٽ ۾ هن وقت ڊيمو ڪريٽ ۽ ري پبلڪن پارٽي جا 50، 50 ميمبرز آهن، صدر جي مواخذي يا ان کي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ايوان کي 67 ووٽن جي ضرورت هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو