چيف جي فيصلي خلاف جسٽس عيسيٰ ڪي اعتراض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم طرفان اسيمبلي ميمبرز کي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ وارو ڪيس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار کان لکت ۾ فيصلي جي ڪاپي طلب ڪري ورتي آهي، رجسٽرار کي لکيل خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته ڪيس جي لکت ۾ فيصلي جي ڪاپي مونکي ناهي ڏني وئي، عدالتي روايت موجب بئنچ جو حصو بڻجڻ وارن ججن کي ڪاپي فراهم ڪئي ويندي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مونکي ڪاپي فراهم ڪرڻ کان اڳ  ميڊيا کي ڪاپي ڪيئن ڏني وئي؟ مونکان اڳ ميڊيا ذريعي ڪيس جي  فيصلي جي سڄي دنيا کي خبر پئجي وئي، مونکي ان فيصلي سان اتفاق يا اختلاف جو موقعو فراهم نه ڪيو ويو؟. هن چيو ته مون کي ڪيس جو فائل  فراهم ڪيو وڃي ته جيئن فيصلو پڙهي سگهان. جسٽس اعجاز الاحسن کي فيصلي جي ڪاپي وصول ٿي پر مون کي ڪاپي نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو