ڇا وزيراعظم جو ڪم لفافا ورهائڻ آهي، عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرز کي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جِي ترديد ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جِي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل وزير اعظم جِي صحيح سان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن شخص مونکي واٽس ايپ تي دستاويز موڪليا آهن، جن موجب اين اي 65 ۾ حڪومتي اتحادي ميمبرز کي ڳرا فنڊز جاري ڪيا ويا آهن، اسان آئين ۽ عوام جَي پئسي جا دشمن نه پر محافظ آهيون، مون خلاف ٽوئٽس جِي ڀرمار آهي، جسٽس قاضي فائز سوال ڪيو ته ڇا ڪرپٽ پريڪٽس خلاف ڪارروائي اليڪشن ڪميشن جِي ذميواري ناهي؟، ڇا وزير اعظم جو ڪم رڳو لفافا ورهائڻ آهي؟.

پهنجو تبصرو موڪليو