ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمن چيو آھي ته پي ڊي ايم پاران 26 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مارچ لاءِ قافلا سڄي ملڪ مان روانا ٿيندا ۽ موجوده نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات وٺي پوءِ واپس موٽنداسين. ھن اھڙو اظهار باب الاسلام مدرسي ٺٽي ۾ جي يو آءِ جي قيادت سان ڪيل اھم گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورن ادارن کي آئين جي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي پر بدقسمتي سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ بدران سياست ۾ داخل ٿي مداخلت ڪرڻ ۽ حڪومتن جا تختا اونڌا ڪرڻ ملڪي ادارن جو رواج بڻجي ويو آهي، ھن چيو ته جيڪڏهن سياست سان توهان جو تعلق نه آهي ته پوءِ اجائي مداخلت بند ڪري وضاحتون به نه ڪيون وڃن، مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده نيازي حڪومت اپوزيشن جي خلاف ميڊيا ٽرائل جو ڪم شروع ڪيو آهي پر اسان واضع ٿا ڪيون ته پي ڊي ايم هڪ پليٽ فارم تي مُتحد آهي ۽ رھندي. ھن چيو ته هر ڀيري ڌانڌلين ذريعي اليڪشنون کٽڻ جو رواج هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. عام چونڊن جيان سينيٽ ۾ به ڌانڌلين جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن لاء اوپن ووٽ ذريعي اليڪشن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي ميمبرن تي شڪ آهي پر اسان انهن ميمبرن کي به خاطري ٿا ڪرايون ته اوهان سينيٽ ۾ اوپن ووٽ ذريعي پنهنجي حڪومت جي خلاف ووٽ ڏيو. اوهان جي خلاف ڪابه ڪارروائي ٿيڻ نه ڏني ويندي. ھن چيو ته 26 مارچ تي اسلام آباد روانگي کان اڳ پوري ملڪ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ هر هفتي مهنگائي خلاف مارچ ڪيا ويندا، موجوده حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ معاشي طور تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي، مهنگائي بيروزگاري لاقانونيت عوام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ گڏ ھئا.










