وفاقي حڪومت گهٻراهٽ سبب آرڊيننس آندو، سعيد غني

وفاقي حڪومت گهٻراهٽ سبب آرڊيننس آندو، سعيد غني

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سينٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي حڪومت کي پنهنجي پارٽي هٿان ئي شڪست نظر اچي رهي جنهن جي گهٻراهٽ ۾ صدارتي آرڊينس جاري ڪيو ويو آهي بدين جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح جي رهائش گاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ پئٽرول ڊيزل اٽي کنڊ ۽ عام واهپي جي شين جوڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ عوامي دٻاءُ کانپوءِ پي ٽي آئي جي قيادت کي خوف آهي ته سينيٽ اليڪشن دوران  انهن جي پارٽي جا ايم پي ايز کين ووٽ نه ڏيندا هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ اوپن بيلٽ ذريعي شفافيت جي دعويٰ ڪندڙ پي ٽي آئي پنهنجي پارٽي اليڪشن پارٽي ٽڪيٽن جي تقسيم  فارين فنڊنگ جي الزام کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري ان جي نيت تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي هن چيو جيڪڏهن سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان قانون سازي ضروري آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر جي پارٽين سان مشاورت ڪرڻي پوندي پر قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڀاڳي ٽي جي اڪثريت نه هئڻ جي باوجود حڪومت ترميم پيش ڪرڻ مخالف ڌر سان تڪرار پيدا ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي تنهن ڪري پي ٽي آئي حڪومت جي سينٽ جي حوالي صدارتي آرڊينس يان ترميم جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي هن چيو ته ملير ڪراچي ۾ عدالتي حڪم تي حد دخلين ۽ ناجائز قبضن خلاف سنڌ حڪومت ڪاروائي ڪئي جنهن دوران 12 سئو ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي آهي جيڪڏهن ڪنهن بااثر ايم پي اي يان سندس عزيز جو غيرقانوني فارم هائوس ڊاٺو ويو آهي ته پنجاب ۾ اهڙين ڪاروائين جي حمايت ڪندڙ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي به اهڙي قدم جي حمايت ڪرڻ گهرجي پر سنڌ ۾ غيرقانوني قبضن خلاف سرڪاري کاتن جي ڪاروائي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آئي سان لاڳاپيل اهڙن ماڻهن کي اسميبلي جون ٽڪيٽ ڏيئي چونڊرايو ويو آهي جيڪي يوسي چيئرمين ٿيڻ جا به اهل نه آهن هن وقت اسيمبلن ۾ اهي ماڻهو سياست ۽ سياسي روايتن کي گندو ڪري رهيا آهن مقاني چونڊن جي حوالي سان هن چيو ته ملڪ جو آئين چوي ٿو جيستائين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو ۽ تڪبنديون نه ٿينديون مقاني چونڊون نٿيون ٿي سگهن. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي بدين طرفان 9 فيبروري تي پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ انتظام مڪمل ضلع مان 400 گاڏين جو قافلو روانو ٿيندو اڳواڻ جي دعويٰ خبر موجب عمران مخالف اتحاد پي ڊي ايم طرفان 9 فيبروري تي  حيدرآباد ۾ عوامي جلسي جي اعلان بعد بدين ضلع ۾ پڻ پ پ پ قيادت طرفان جلسي ۾ ڀرپور  شرڪت جي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي  پ پ پ جي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي ايم پي ايز حاجي تاج محمد ملاح مير الله بخش ٽالپر بشير هاليپوٽو تنزيلا قمبراڻي پير امجد صديقي ۽ معاون خصوصي پير نورالله قريشي جي اڳواڻي ۾ ضلع جي پ پ پ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جا مختلف شهرن مان نڪرندڙ قافلا ماتلي باءِ پاس وٽ گڏ ٿيندا جتان 400 گاڏين جو مرڪزي قافلو حيدرآباد روانو ٿيندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو