ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سون 400 رپيا سستو، ڊالر ۾ وڌيڪ 10 پئسن جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 110600 مان گهٽجي 110200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 30 رپيا گهٽتائي سان 1650 مان 1620 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر، پائونڊ ۽ يورو جي اگهن ۾ 10 پئسن جو واڌارو ٿيو، جنهن بعد ڊالر 160.9 مان 161 رپيا، پائونڊ 222 مان 222.1 رپيا ۽ يورو 194 مان 194.1 رپيا ٿي ويا .










