زرداري جي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ پڪي ضمانت منظور

زرداري جي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ پڪي ضمانت منظور

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي طبي بنياد تي مستقل ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو. نيب جي هن ريفرنس ۾ 8 ارب روپين جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن جو  الزام آهي. اها رقم بحريه ٽائون جي مالڪ رياض ملڪ جي ناٺي زين ملڪ ۽ اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري مشتاق جي گڏيل اڪائونٽ مان جعلي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 8.3 ارب روپيا منتقل ٿيا هئا. هن ڪيس ۾ 18 جون 2020 تي عدالت پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي. سندس وڪيل فاروق نائڪ چيو ته اسانجي طبي بنياد تي مستقل ضمانت جي درخواست آهي، نيب سان تعاون ڪنداسين، ڪيس جي اڃا جاچ پئي هلي 2 مهينا زرداري رمانڊ تي هو پر نيب جاچ مڪمل نه ڪئي. عدالت نيب جي وڪيل کان پڇو ته ميڊيڪل رپورٽ مان مطمئن آهيو، ايئن نه چئجو ته جعلي رپورٽ آهي. نيب جي وڪيل چيو ته ضمانت بعد هو ٻاهر هليو ويندو، فاروق نائڪ چيو ته اي سي ايل ۾ سندس نالو آهي. جج چيو ته هونئن به جنهن تي نيب ڪيس ٿيندو آهي ته ملزم غريب ٿي ويندو آهي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته زرداري تي 15 ڪروڙ جو الزام آهي، هن ڪيس ۾ روپوش قرارا ڏنل جوابدار مشتاق مهر ايوان صدر جو ملازم رهيو ۽ بعد ۾ دبئي فرار ٿي ويو هو. نيب اڃا ريفرنس فائيل ئي ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو