ميانمار ۾ فوج جو قبضو، ايمرجنسي لاڳو، سوچي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ فوج ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد هڪ سال تائين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آنگ سان سوچي ۽ صدر سوڌو اين ايل ڊي جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.

Myanmar’s State Counsellor Aung San Suu Kyi and President Win Myint were detained in a raid on the morning of Feb 1, 2021, screen shot

نائب صدر جيڪو اڳوڻو فوجي جنرل آهي تنهن کي قائم مقام صدر مقرر ڪيو ويو آهي. گذريل سال 8 نومبر تي ٿيل عام چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جي الزامن سبب سياسي جماعتن ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. قائم مقام صدر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن معاملو اڪلائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ملڪي استحڪام لاءِ هي قدم کڻڻ ضروري هو. ميانمار جي فوج ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد چيو آهي ته ڪمانڊر اِن چيف مِن آنگ هِلائِنگ کي ملڪ هلائڻ لاءِ قانون سازي، عدالتي ۽ انتظامي اختيار ڏنا ويا آهن.

Myanmar military chief Min Aung Hlaing. Screen shot

نيشنل ليگ فار ڊيموڪريسي (اين ايل ڊي) جي نوبل انعام يافته 75 سالا اڳواڻ آنگ سان سوچي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ايمرجنسي جي روپ ۾ مارشل کي قبول نه ڪن ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي. ميانمار جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿيل آهي. رنگون ۾ فوج سٽي هال جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. آنگ سان سوچي جي پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوج ملڪ جي صدر سوڌو ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ميانماري جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سويلين حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ فوجي بغاوت ڪئي وئي. مختلف شهرن ۾ فوج گشت پئي ڪري، مارڪيٽ ۾ ماڻهو عام واهپي جي شين جي خريادري ۽ اسٽاڪ ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر انٽر نيٽ معطل هئڻ سبب بئنڪن جا اي ٽي ايم ڪم نه پيا ڪن.

Army took over in Myanmar, screen shot

دُنيا جي مختلف ملڪن جو ميانمار ۾ فوجي بغاوت ۽ سوچي سوڌو سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف سخت ردعمل، امريڪا ۽ برطانيا سوڌو ٻين ملڪن جي سربراهن طرفان ميانمار جي چونڊيل نمائندن کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو، وائيٽ هائوس جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته ميانمار جي فوج طرفان کنيل قدم واپس نه ورتا ويا ته ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.ياد رهي ته 1948 ۾ برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد برما يعني ميانمار ۾ 2 ڀيرا مارشل لا لڳي چڪو آهي، پهريون دفعو 1962 ۽ ٻيو 1988 ۾ ، ملڪ تي ڳچ عرصو فوج حڪمراني ڪئي آهي ۽ سول حڪومتن دوران به فوج کي پاڪستان جيان هر معاملي ۾ اوليت حاصل رهي آهي. 2015 ۾ آنگ سان سوچي جي پارٽي جي حڪومت بعد 2017 ۾ وڏي پيماني تي روهنگيا مسلمان بنگلاديش هجرت ڪري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو