ڊي سي کي اسٽريچر تي کڻي عدالت ۾ پيش ڪريو، چيف جسٽس

ڊي سي کي اسٽريچر تي کڻي عدالت ۾ پيش ڪريو، چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻن ورهين جي مديحه جي ڪيس بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران اڄ به ڊي سي لاڙڪاڻو پيش نه ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس، اسسٽنٽ ڪمشنر کان پڇيو ته ڊي سي ڇو پيش ناهي ٿيو؟ جنهن تي اي سي چيو ته کيس ڪورونا آهي، چيف جسٽس چيو ته هڪ مهينو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن بيمار به آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي کيس اسٽريچر تي آڻي به پيش ڪيو. عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ چيف ميونسپل ڪمشنر جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سي ايم او عزيز تنئي کي ڇنڊ پٽيندي عدالتي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته توهان جي پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڊي سي پيش ٿئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته شهر جي حالت خراب آهي، صفائي ڪندڙ ڪاٽن جا وڳا پائي گهمي رهيا آهن. عدالت حڪم ڏنو ته سال 2020 ۾ ڊرينيج، گٽر جي ڍڪڻن سميت ٻين ڪمن جا تفصيل پيش ڪيو، ترقياتي ڪمن بابت ٽينڊرن جي تفصيل سميت ٺيڪيدارن جا نالا به رپورٽ ۾ شامل ڪيو، جنهن بعد ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو