انساني رتُ ۾ 38 لک سيل في سيڪنڊ ۾ ٺهن ٿا

يروشلم (ويب ديسڪ) نئين تحقيق بعد سائنسدانن ٻڌايو آهي ته نارمل انسان جي رت ۾ روزانو 330 ارب سيل ٺهن ٿا يعني 38 لک سيل في سيڪنڊ جي حساب سان ٺهن ٿا. اسرائيل جي ويزمين انسٽيٽيوٽ آف سائنس جي بايولوجسٽس رون سينڊر ۽ رون ميلو نئين تحقيق بعد اهو پتو لڳايو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته نئين ڪيلڪوليشن بعد ماهرن کي انساني صحت ۽ بيماري جي صورت ۾ سيلز جي خاتمي بابت درست اندازو ٿي سگهندو. انساني جسم ۽ خاص ڪري رتُ اندر ختم ٿيندڙ ۽ نون ٺهندڙ سيلز گهڻي ڀاڱي آنڊي اندر اچن ٿا. وڌيڪ تفصيل پڙهو سائنس الرٽ ڊاٽ ڪام تي

پهنجو تبصرو موڪليو