ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري چترڪارا سحر شاهه رضوي عظيم اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور رسول بخش پليجي جي 91وين سالگرھ جي پر مسرت موقعي تي آن لائين لائيو پورٽريٽ ٺاھي کيس اجرڪ ۽ صدا حيات انقلابي نغمن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ھڪ ڪلاڪ جي ھن لائيو فنِ چترڪاري کي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان 20 ھزار کان مٿي ماڻھن ڏسندي ۽ پيش ٿيل نغمن کي پڻ انجواءِ ڪندي مھان ليڊر رسول بخش پليجي کي ڪمينٽس ذريعي ڀرپور ڀيٽا پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڪمينٽري ڪندي سحر شاهه چيو ته “ھو ھڪ مظلومن جو ڀرجلهو انقلابي اڳواڻ ھو. ھو وڏو عالم ۽ سياسي استاد ھو. ھن لکين ماڻھن جي تربيت ڪئي ۽ سنڌي عورتن کي سياست جو شعورڏنو. آرٽ، ادب ۽ ڪلچر سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھو. ھو انقلابي نظرين جو ڦھلاء آرٽ ۽ ادب ذريعي ڪندو ھو. مون پورٽريٽ ٺاھيندي کيس اجرڪ ۽ انقلابي نغما ڀيٽا ڏني آھي”










