ويٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي زمين تي بينظير ٽائون تعميرڪرڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ (رپورٽ راجڪمار اوڏ) سڪرنڊ ويٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ جي زمين تي بينظير ٽائون شپ تعمير ڪرڻ خلاف آل پارٽيز الائينس سڪرنڊ جي سڏ تي مختيارڪار آفيس سڪرنڊ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي ڪئي وئي.ان موقعي تي ايس يو پي اڳوڻ فلڪ شير اوڏ، جي يو آءِ جي عبدالرشيد پرهياڙ، پي ٽي آءِ اسپورٽس ونگ جو صوبائي صدر فاروق چانڊيو، پي ٽي آئي جي نثار پرھياڙ، ايس ٽي پي جي عبدالقادر جيلاني، ايوب کوسو، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفيٰ مگسي، سنڌ سجاڳ فورم جي مجيد عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ جو تحقيقاتي مرڪز قومي ادارو آهي، جنهن ۾ ريسرچ ڪري ڪڻڪ جا نوان ٻج تيار ڪيا وڃن ٿا. هي ادارو سنڌ سميت سموري ملڪ جي زرعي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اداري طرفان متعارف ڪرايل جديد جنسون تمام وڏي پيداوار ڏئي رهيون آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت هن اداري جي زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ لاءِ سروي جو ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان بينظير بستيءَ تعمير ڪرڻ جي خلاف نه آهيون پر اها بستي اداري جي زمين تي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويندو. ان ڪري بينظير بستي تعمير ڪرڻ لاءِ الڳ زمين خريد ڪئي وڃي.هنن وزيراعليٰ سنڌ، وزير زراعت ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي تحقيقاتي مرڪز جي زمين تي بينظير بستي تعمير ڪرڻ جي منصوبي کي رد ڪيو وڃي ۽ ھن اهم  اداري جي افاديت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي اداري کي وڌيڪ زمين خريد ڪري ڏني وڃي ته جيئن ريسرچ جي ڪم ترقي وٺرائي سگهجي ۽ ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ڏيندڙ نيون جنسون متعارف ڪرائي سگهجن.احتجاجي ڌرڻي ۾ حسين بخش ڪيريو، ڪريم بخش رند، ايوب کوسو، نثار پرهيار ۽ حاجي رفيق خانزاده  کانسواءِ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو