مغوي جي بازيابي لاءِ ڌرڻي ۾ جماعت اڳواڻ جي شرڪت

ڪنڌ ڪوٽ(ن سنڌيار)جنوري 2021 جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي چيو آهي ته سنڌ سرڪار شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ڪشمور ضلعي سميت سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ وڌندڙ وارداتن عوام کي سخت پريشان ۽ انهن جي اندر عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. شير گڙه مان اغوا ٿيندڙ علي خان جعفري کي 15 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود عدم بازيابي صوبائي ۽ ضلعي حڪومت جي نا اهلي جو چٽو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شير گڙه مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ علي خان جعفري جي عدم بازيابي جي خلاف انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي کي خطاب دوران ڪيو. هن مغوي علي خان جعفري جي بازيابي، ڏوهن جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ اثرائتا اپءُ کڻڻ جي گهر ڪندي چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ اڳم ئي قبيلائي جيهڙن، بک بدحالي بيروزگاري ۽ تعليم جي کوٽ کان پوءِ امن امان جي خراب صورتحال سبب شهرين جي معمول واري زندگي متاثر ٿي رهي آهي.15 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود مغوي جي بازيابي ۽ وارثن جي داد رسي ڪرڻ بدران حڪومتي بي حسي افسوس ناڪ آهي ته عملي طور لڳي ٿو سنڌ سرڪار شهرين کي بندوق بردار ٽولي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن جماعت اسلامي طرفان ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته جماعت اسلامي هر مظلوم سان گڏ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو