دبئي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات اسرائيل سان طئي ڪيل ويزا فري معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ويزا فري معاهدو پهرين جولاءِ 2021ع تائين معطل رهندو. متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب اسرائيلي شهرين جي ويزا فري داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پهرين جولاءِ تائين صورتحال کي ڏٺو ويندو جنهن کان پوءِ ويزا فري معاهدي تي ٻيهر عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ 13 آگسٽ 2020 تي هڪ تاريخي امن معاهدو ٿيو هو. معاهدي کان پوءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي تاريخي سفارتي اڳڀرائي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن کي اڳيان وڌائيندي هي معاهدو ٽنهي اڳواڻن جي جرئتمندي، سفارتڪاري ۽ وزن سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ به چيو ويو آهي ته هي هڪ اهڙو رستو آهي جنهن سان هڪ نئون رستو واضح ڪري سگهجي ٿو. جيڪو خطي ۾ وڏي صلاحيت کي کولي ڇڏيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته اسرائيل ۽ يو اي اي ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو. اسرائيل ۽ عرب امارات جا وفد ايندڙ هفتي ملندا.شيخ محمد بن زيدالنهيان هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. شيخ محمد بن زيد النهيان لکيو هو ته اسرائيل اوڀرين ڪناري جي وڌيڪ علائقن کي پاڻ سان گڏ شامل نه ڪندو. يو اي اي ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو