مدئجي (ن سنڌ يار) مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ وڌي ويل بدامني کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پوليس جون ڪارروايون، وارهه پل ڀرسان بروهي برادري جي گهرن تي چڙهائي، شڪ جي بنياد تي 3 ڳوٺاڻا گرفتار.مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو اچڻ بعد پوليس جاڳي پئي. ان سلسلي ۾ پوليس اٽالن ايس ايڇ او مدئجي جي اڳواڻي ۾ وارهه پل ڀرسان ويٺل بروهي برادري جي ڳوٺ گهر پنهنجا تي چڙھائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهيو، جنهن دوران پوليس گهرن اندر سرچ آپريشن ڪندي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ گهرن ۾ پيل کاڌي پيتي جو سامان ۽ لائسنس واري بندوق پڻ کڻي وئي.چڙهائي دوران پوليس شڪ جي بنياد تي 3 ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وئي آھي، پوليس گرفتار ڪيل مير بروهي سميت 3 ڄڻن کي اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آھي، جنهن سبب ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتارين لاءِ چڙھائي ڪئي آھي، جنهن دوران شڪ جي بنياد تي ڪجھ گرفتاريون ڪيون آھن گرفتار ڪيلن جو رڪارڊ چيڪ ڪري بيگناھن کي آزاد ڪيو ويندو.
