فارن فنڊنگ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو وڏو اسڪينڊل آهي,مولانا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فارن فنڊنگ ڪيس کي ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان مدر آف اين ار او وٺي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو.اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد پي ڊي  ايم اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ مريم نوازشريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهري جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اڱاري جي ڏينهن پي ڊي ايم جي قيادت اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي.مولانا فضل الرحمان الزام هنيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو مُک جوابدار عمران خان آهي. ڳجهي اڪائونٽ جي ذريعي ذاتي ڪاروبار ڪيو ويو. اسان اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج ڪندي ڪيس جي جلد فيصلي جو مطالبو ڪنداسين ڇو ته دير سان شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿي رهيا آهن. پي ڊي ايم اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 21 جنوري تي اسرائيل نامنظور ملين مارچ  ٿيندو.5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسو ٿيندو ۽ ڪشمير جو سودو ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.هن جو چوڻ هو ته 9 فيبروري تي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي. 14 فيبروري تي سيالڪوٽ جڏهن ته 16 فيبروري تي پشين ۾ جلسو ٿيندو. ان کان پوءِ 23 فيبروري تي سرگودها ۾ جلسو ٿيندو.هن ٻڌايو ته 27 فيبروري تي خصدار ۾ ريلي کان پوءِ اسلام آباد لانگ مارچ جو فيصلو ٿيندو. پي ڊي ايم اجلاس ۾ لانگ مارچ جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو