ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 1هزار 920 نوان ڪيس رڪارڊ ٿياآهن ۽ 46 مريض فوت ٿي ويا نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا 19 جا 37 هزار 949 ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح هينئر تائين ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ ڪيل ٽيسٽن جو انگ 24 لک 5 هزار 521 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا هڪ هزار 920 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 21 هزار 211 تائين پهچي ويو آهي.اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ 2 لک 35 هزار 576 مريض آهن. پنجاب ۾ هڪ لک 49 هزار 782، خيبرپختونخواهه ۾ 63 هزار 615، بلوچستان ۾ 18 هزار 612، اسلام آباد ۾ 40 هزار 111، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 631، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 4 هزار 884 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اهڙي طرح هن وبا سبب حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن جو گڏيل انگ 10 هزار 987 ٿي ويو آهي. ڪورونا وگهي سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ رڪارڊ ٿيون آهن جتي 4 هزار 432 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.سنڌ ۾ 3 هزار 793،  خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 783، اسلام آباد ۾ 457، گلگت بلتستان ۾ 101، بلوچستان ۾ 190 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 241 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي هڪ هزار 589 مريضن هن وبا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا دوران 4 لک 75 هزار 228 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.اين سي او سي جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 986 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 هزار 348 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو