صارفين جي تنقيد کانپوءِ واٽس ايپ ڊيٽا شيئرنگ جي تاريخ ۾ واڌ

 لنڊن(ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پوري دنيا ۾ ڳڻتي ۽ عوامي تنقيد کانپوءِ فيس بڪ سان ڊيٽا شيئرنگ بابت تاريخ ۾ واڌي ڪري ڇڏي آهي.واٽس ايپ جمعي جي ڏينهن سندس تڪراري پرائيويسي پاليسي بابت هڪ اهم بيان جاري ڪندي ان کي ٽي مهينا پوئتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان اڳ اسمارٽ فون تي آڊيو ۽ وڊيو رابطي جي مشهور ايپ چيو هو ته فيبروري کانپوءِ پنهنجي پاليسي تبديل ڪندي صارفن جي ڊيٽا فيس بڪ سان شيئر ڪندو. 

پهنجو تبصرو موڪليو