ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) ميرپور ماٿيلو رينجرز هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو ۾ صفائي ڪرڻ دوران پراڻن آئل فلٽرن کي باهه ڏيڻ سبب ڌماڪو5 رينجرز جا جوان زخمي ، زخمين کي ميرپور ماٿيلو اسپتال مان طبعي امدادڏيڻ بعد رحيم يار خان ريفر ڪو ويو، ميرپور ماٿيلو پوليس پاران واقعي جي تصديق تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ صفائي دوران پراڻن آئيل فلٽرن کي باه ڏيڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز جا جوان لياقت، وقاص، بابر، لياقت، ذوالفقار زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو مان طبعي امداد ڏيڻ بعد رحيم يار خان ريفر ڪو ويو آهي هوڏانهن ميرپور ماٿيلو پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته پوليس پاران واقعي جي تصديق پڻ ڪئي آهي.










