ابراهيم منشي جي 87هين سالگرھ جي تقريب منعقد

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ ابراهيم منشي يادگار ڪميٽي طرفان ابراهيم منشي جي 87هين سالگرھ واري منعقد ڪيل تقريب ٿي جنهن ۾سنڌ جي اديبن  شاعرن قلمڪارن مزاحمتي قومي انقلابي شاعر ابراهيم منشي جي 87هين سالگرھ ملهائي ۽ ان موقعي تي سندس انمول انقلابي شاعري کي دنيا جي مظلوم قومن لاءِ تاريخي اثاثو قرار ڏنو آهي. تقريب  کي نامياري اديب ڊاڪٽر انور عالماڻي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جي هزارين سال تاريخ جو انقلابي پڙآڏو آهي  جنهن ۾ سنڌ تي ڌارين جي يلغار جي خلاف ڪيل بغاوت کي پنهنجي شاعري جو تسلسل برقرار رکندي مزاحمتي جنگ جوٽي سندس شاعري ۾ نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي  نٿو جو سنڌ لاءِ ڪڙي  سو سنڌ مان لڏي وڃي  سو سنڌ کي ڇڏي وڃي  ان بغاوت جو هڪڙو انوکو روپ آهي ابراهيم منشي سنڌ جو قومي انقلابي شاعر هجڻ سان گڏ سنڌ جي قومي عوامي طبقاتي جدوجهد جو هيرو هو جنهن جهرجنگ وڃي سنڌ جي نوجوانن ۾ سنڌ سان جذباتي قومي جذبي کي جڳايو ۽ سڄي سنڌ ۾ پاڻ گائيڪي ذريعي سندس شاعري کي عام شاعري جو روپ ڏنو اڄ جي نوجوانن کي پنهنجي قومي اثاثن کي بچائڻ لاءِ عملي طور جدوجهد ڏانهن اڳتي وڌڻ جي منزل ڏني آهي. جنهن ۾ نوجوانن کي ابراهيم منشي جي شاعري مان پنهنجي روشن مستقبل جي خواب جي تعمير ڪرڻ گهرجي ابراهيم منشي سنڌ جو اڏول بهادر قومي شاعر هو جنهن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي هاري مزدور پورهيت ۽ وچولي طبقي جي مفادن جي شاعري ڪئي ، سالگرھ تقريب کي سنڌ جي تاريخدان محقق ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي مخاطب ٿيندي چيو ته ابراهيم منشي سنڌ جو هڪ لازوال قومي شاعر آهي ، جنهن پنهنجي شاعري ۾ انقلابي راڳ کي نوان روپ ڏيئي سنڌ جي قومي هلچل ۾ هڪ عظيم ڪردار ادا ڪيو ، سندس شاعري جديد دور جو هڪ انوکو مثال آهي ،جنهن ۾ تاريخي جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ زيادتين تي عملي طور آواز اٿاريو آهي ، نوجوانن کي سندس شاعري مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي ، تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي مهمان خاص طور خطاب ڪندي چيو ته ابراهيم منشي سنڌ جي جهرجهنگ وڃي شاعري ذريعي قومي جدوجهد جي پرچار ڪئي ، سندس شاعري سنڌ لاءِ روشني جو ڏيئو آهي ، ساس طرفان سندس شاعري تي نئين سال ذريعي ڀيٽا ڏني ويندي ، سالگرھ واري تقريب کي ابراهيم منشي يادگار ڪميٽي جي سربراھ طارق منشي خطاب ڪندي چيو ته قومي انقلابي شاعر ابراهيم منشي سنڌ جو مزاحمتي شاعر هجڻ سان گڏ قومي تحريڪ جو هيرو هو ، سندس فرزند هجڻ تي مون کي ناز آهي ته بابا سائين پنهنجي زندگي جي آخري پساھ تائين سنڌ سان ڪيل محبت جي اظهار جو شاعري جي ذريعي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳي واري شاعري کي پنهنجي جدوجهد جو مقصد بڻايو ، سندس شاعري انمول خزانو آهي ، جنهن لاءِ يادگار ڪميٽي طرفان سموري شاعري کي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪري رسالي ڇپائڻ جو ڪم ڪيو وڃي پيو ۽ سندس شاعري تي اديبن ، شاعرن جا رايا پڻ شامل ڪيا ويا آهن ، تقريب کي شاعر اسماعيل سومرو خطاب ڪندي چيو ته ابراهيم منشي سنڌ جي قومي تحريڪ جو انقلابي هيرو هو جنهن پنهنجي مزاحمتي شاعري سان سنڌ جي خلاف ٿيندڙ ظلم ، زيادتين سان مهاڏو اٽڪائي شاعري ۾ بغاوت جو انوکو روپ ڏنو ، تقريب کي سندس ويجهي ساٿي شاعر فقير قادر بخش ، شاعر نوشاد ڀٽي ، عبدالرشيد سومرو ، غلام نبي ڪيريو ، شاعر عبدالحفيظ ڀان ، اياز سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي ابراهيم منشي جي 87هين سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏني ۽ انهي موقعي تي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، سالگرھ واري تقريب ۾ اديبن شاعري وڏي تعداد شرڪت ڪئي ، جڏهن ته قومي فنڪارن پنهنجي گائيڪي ذريعي ابراهيم منشي جي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو