شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ پاران احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)عادلپور  ۾ وڌندڙ بدامني ۽ نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او جي رويي خلاف  شهري روڊن تي نڪري آيا  عادلپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آء جنرل سيڪريٽري۔ ضلعه گھوٽڪي  مولوي محمد قاسم کهاوڙ۔امير تعلقه خانڳڙھ نصرالله گبول۔امان الله مهر۔راحب علي مهر۔ مولوي محمد امين گڏاڻي۔جميل راهي۔ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عادلپور ۾  احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي  ڌرڻو ھنيو ويو ٽن ڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي سبب روڊ بند  ٽريفڪ جام ٿي وئي مظاهرين ايس ايڇ او عادلپور هٽايو  شهر جو امن بچايو يا زوردار نعرا  ان موقعي ته اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ھڪ طرف  عادلپور ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي  هر روز چوريون ڦرون روز جو معمول بڻجي ويو آهن  پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي  هنن چيو ته بدامني سبب شهرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي  شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينھن علائقي  جي ٻن ڌرين جو جھيڙو ٿي پيو  ھو جنھن مان   ھڪ ڌر جا ماڻھو جھيڙي جي حل لاء اسان  جي وٽ آيا ھئا جنھن اسان جا اڳواڻ مفاھمت تحت جھيڙي جي حل لاء ايس ايڇ او عادلپور وٽ ٿاڻي تي ملڻ لاء پھتا ته ايس ايڇ او عادلپور آپي مان نڪري ويو ۽ ھن اسان جي اڳواڻن سان بدڪلامي ۽ بداخلاقي ڪندي گھٽ وڌ ڳالھايو  احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته  نوٽيس وٺي  ايس ايڇ او  کي فوري هٽائي  بدامني تي ضابطو آڻي  شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي  جنھن  بعد ايس ايڇ او سرحد غلام عباس سندراڻي  ۽ ايس ايڇ او عادلپور غلام مصطفيميراڻي   ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون  جنھن جي خاطري بعد اڳواڻن ايس ايڇ اوز کي  کي مان ڏيندي ڌرڻو ختم ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو