عدالت پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي ڪم کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي سندس جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ  کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نعيم بخاري جي بطور چيئرمين پي ٽي وي مقرري جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطلاعات واري  وزارت جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته حڪومت عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي جنهن تي نمائندي جواب ڏنو ته جي ها، عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.چيف جسٽس ٻيهر پڇيو ته عمر جي حد ۾ نرمي لاءِ اوهان سبب ڇا لکيو آهي. جنهن تي نمائندي چيو ته اسان لکيو آهي ته نعيم بخاري هن عهدي جي قابل آهي. ان کي ڪافي تجربو به آهي ۽ هڪ سمري 13، ٻئي 26 نومبر تي موڪلي وئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ڪابينه واضح طور تي عمر جي ريليڪسيشن جو ڪوبه فيصلو ڪيو ته اوهان صحيح سمري موڪلي، اوهان سمري موڪليندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو لاڳاپيل پوزيشن ناهي پڙهيو. جڏهن اوهان فيصلو پڙهڻ کان سواءِ سمري ڪابينه کي موڪليندو ته ڪابينه کي به شرمندو ڪنداسين.عدالت چيو ته اطلاعات واري وزارت چيئرمين پي ٽي وي جي مقرري جي مجاز ناهي. سپريم ڪورٽ واضح لکيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن کي به چيئرمين نٿي بنائي سگهي. پگهار وٺو يا نه وٺو، اها ڌار ڳالهه آهي، طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو، اوهان پاڻ ئي نعيم بخاري کي چيئرمين مقرر ڪري سمري ڪابينه ڏانهن اماڻي.ان کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي ڪم کان روڪيندي چيو ته اسان هي معاملو وفاقي ڪابينه کي موڪلي رهيا آهيون، اها سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڏسي. نعيم بخاري اسان جي لاءِ قابل احترام آهي پر ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو