ٽوئٽر ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪيپيٽل بل واقعي کان پوءِ مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي آمريڪي صدر ٽرمپ جو ٽوئٽر اڪائونٽ مستقل طور تي بلاڪ ڪيو ويو آهي.ٽوئٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني تشدد جي وڌيڪ واقعن کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ جو اڪائونٽ مستقل طور تي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيصلو ٽرمپ جي تازي ٽوئٽس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي ٽرمپ جو ٽوئٽر اڪائونٽ مستقل بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسان کي ان ڳالهه جا ثبوت مليا هئا ته ٽرمپ جي حامين طرفان ڪيپيٽل بل تي 17 جنوري تي هڪ ٻيو مبينه حملي جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. ٽوئٽر تي بلاڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جو ٽوئٽر اڪائونٽ ڪجهه شاهدين جي بنيادن تي معطل ڪيو ويو.مستقبل ۾ هٿياربند احتجاجن جا پلان ٽوئٽر تي وڌا پيا وڃن جڏهن ته 17 جنوري 2021 جي ڪيپيٽل بل ۽ رياستي عمارتن تي هڪ ٻيو موجوزه حملي جي پلاننگ شيئر ڪئي وڃي ٿي. ٻئي طرف ٽوئٽر ٽرمپ جي ٻئي سرڪاري اڪائونٽس پوسٽ تان ٽوئٽ جي ڪوشش به ناڪام بنائيندي ٽوئٽ بلاڪ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو