ڀٽائي جي تڪئيي درگاهه آندل شاهه بخاري جوعرس ملهايو ويو

مدئجي (ن سنڌيار) مدئجي ويجهو ڳوٺ نظر ڏيٿو ۾ سماجي اڳواڻ اقبال ڏيٿو پاران ڀٽائي سرڪار جي تڪئيي مبارڪ تي درگاهه آندل شاهه بخاري جو عرس مبارڪ جي هڪ ڏينهن واري تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ علائقي سميت مختلف شهرن جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، عرس مبارڪ جي تقريب دوران ڀٽائي سرڪار جي تڪئيي مبارڪ جي صحن ۾ قائم صوفي بزرگ سيد آندل شاهه جي مزار تي چادر چاڙهي عرس جي شروعات ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ صوفياڻي راڳ جي محفل ڪوٺائي وئي، جنهن دوران مشهور صوفي راڳي مانجهي فقير ۽ سندس ساٿين صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل ۾ موجود ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.ميلي جي تقريبن جي آخر ۾ سنڌ امڙ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون ۽ آخر  ۾ لنگر پڻ ورهايو ويو.جڏهن ته ميلي جي تقريب دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو