ڪڻڪ تحقيقاتي اداري زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ خلاف احتجاج

ڪڻڪ تحقيقاتي اداري زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ (رپورٽ راجڪمار اوڏ) آل پارٽيز الائنس جي سڏ تي ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ جي زمين تي امڪاني طور تي بينظير بستي ٺاهڻ خلاف ويٽ ريسرچ سينٽر جي مين گيٽ اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو.احتجاج ۾ ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ،  قربان علي مگسي اڳواڻ نثار احمد پرھياڙ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالقادر جيلاني، ايوب کوسو جي يو آءِ اڳواڻ عبدالرشيد پرھياڙ، سنڌ سجاڳ فورم جي عبدالمجيد عباسي، يونائيٽڊ  سوشل فائونڊيشن جي نياز لاشاري،  ميمڻ جماعت جي شوڪت حسين ميمڻ ، وڏيرو نديم ڪيريو، اڪبر علي مھر، ديدار علي سولنگي، فقير قادري ۽ محمد خان گدارو شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ جي  تحقيقاتي اداري وٽ تمام ٿوري زمين آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جون نيون جنسون ايجاد ڪرڻ لاءِ ريسرچ ڪئي وڃي ٿي ۽ 1985ع ۾ قائم ٿيل هن مرڪز ۾ 13 کان وڌيڪ بهتر پيداوار ڏيندڙ جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ ٻين سوين نين جنسن تي ريسرچ هلي رهي آهي، اداري جي زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ سان نه رڳو سنڌ جو واحد تحقيقاتي ادارو تباهه ٿي ويندو پر سوين ملازم بيروزگار پڻ  ٿي ويندا.هنن چيو ته اداري جي زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته 13 جنوري تي تاريخي ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي پاسي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو، سنڌ عوامي سٿ جي محمد عالم ڪيريو ۽ عبدالصمد گبول پڻ اداري جي زمين تي بينظير بستي ٺاهڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو