ميهڙ (ن سنڌيار) مچ ۾ هزاره برادري سان ٿيل دهشتگردي واري واقعي خلاف ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو، مولوي مجاهد چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چانڊيا تمندار هائوس کان ريلي ڪڍي ويئي، جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي شھر جي مک گهنٽا گهر چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي.ان موقعي تي ام رباب چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ملڪ ۾ دھشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آھن، روز بروز ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان بيگناهه ماڻھن جو رت وهايو پيو وڃي پر سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آھي.ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته اسان پاڻ مظلوم آھيون، تنهن لاءِ هر مظلوم سان گڏ بيهڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿي جڏھن ته مچ واقعو افسوسناڪ آھي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آھي.










