ڪورونا بي قابوانگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ٻيهر لاڪ ڊائون

لندن(ويب ڊيسڪ) ڪورونا بي قابو ٿيڻ کانپوءِ انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافي جي جواب ۾ ملڪ جا پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول فيبروري جي وچ تائين بند رهندا۽ شاگردن لاءِ هڪ آن لائين تعليم جي سهولت جاري ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف ڪورونا وائرس تي نئين پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ نئون پارلياماني اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتو ملڪ لاءِ سخت ترين هوندو اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته گلوبل ايپيڊيم ڪورونا برطانيا ۾ ڪورونا سبب  400 کان وڌيڪ  مريض فوت ٿي ويا  جنهن کانپوءِ  فوتين جو ڪل تعداد 75هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.هڪ ئي ڏينهن ۾ برطانيه ۾ 58 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ، جڏهن ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر معين علي جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت مثبت آئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو