ايس يو پي پاران سنڌ سڀا قافلي تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

ايس يو پي پاران سنڌ سڀا قافلي تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڄامشورو ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ايس يو پي پاران پير بخش سهارڻ، ساگر جمن بڙدي، آصف ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو. مظاهري ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوٻاوڙو معاملي ۾ سنڌ حڪومت سڌي ريت ملوث آھي، سنڌ حڪومت جي حڪم تي ئي سنڌ سڀا قافلي تي حملو ڪري ڪاروائي ڪري نياڻين تي تشدد ڪري کين ھٿڪڙيون ھڻي ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا.ان معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ۽ ملوث پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو