ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڄامشورو ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ايس يو پي پاران پير بخش سهارڻ، ساگر جمن بڙدي، آصف ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوٻاوڙو معاملي ۾ سنڌ حڪومت سڌي ريت ملوث آھي، سنڌ حڪومت جي حڪم تي ئي سنڌ سڀا قافلي تي حملو ڪري ڪاروائي ڪري نياڻين تي تشدد ڪري کين ھٿڪڙيون ھڻي ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا.ان معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ۽ ملوث پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.










