بصر ٽماٽا درآمد ڪرڻ جي خلاف آبادگارن جو احتجاج

بصر ٽماٽا درآمد ڪرڻ جي خلاف آبادگارن جو احتجاج

ڳاڙھو(رپوٽر سلطان علي کٽي) حڪومت پاران ٻاھرين ملڪن مان ٽماٽو بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون گھرائڻ خلاف  ڪيٽي بندرجي سوين آبادگارن جو ٻگھاڻ شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ٻگهاڻ شھرجي مک چوڪ تي هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ڪيٽي بندر جي آبادگارن  عثمان مروو احمد خاصخيلي سيد پپو شاهه غلام نبي سمون لونگ ڀڙج سيد مقبول شاه مظفر گبول حسين حسيني نوراحمد پيروزاڻي ۽ٻين آبادگارن ميڊياکي ٻڌايو ته ھتان جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته سنڌ جا آبادگار في ايڪڙ تي لکين روپيا خرچ ڪري فصل تيار ڪن ٿا پر حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري آبادگار ۽ ھاري سخت پريشان آهن ھنن چيو ته جيڪڏهن ايران ۽ ٻين ملڪن کان سبزي گھرائڻ بندنه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو