مشرف کي مکِ جيان ڪڍيو عمران ڇا آهي؟ زرداري

مشرف کي مکِ جيان ڪڍيو عمران ڇا آهي؟ زرداري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته هي ملڪ هلائڻ وارا نه آهن هي ڪرڪٽ ٽيم هلائڻ وارا آهن، هنن جو  وقت ٿورو آهي، مون پهرين ڏينهن چيو هو ته يا ملڪ هلايو يا نيب هلايو، مونکي فڪر ناهي مون 14 سال جيل ڪاٽيو آهي. هن چيو ته اسين سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلياسين، سڀني کي حق ڏنا، صوبائي خودمختاري، آئين ڏنو. هن چيو ته شهيد بي بي پنهنجي ٻارن جي پرواهه نه ڪئي سندس ٻه ڀائر شهيد ٿيا ته به هن چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. اڄ مشرف ملڪ اچڻ لاءِ تڙپي پيو، اوهان به ختم ٿي ويندئو، ڪڍو پاڻ کي ٻاهر، رحم ڪيو ملڪ تي عوام تي رحم ڪريو، ڪرايو اليڪشن ته خبر پوي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، اسانجي دور ۾ 80 روپئي جو ڊالر هو اڄ 180 روپئي جو آهي. اسين مشرف کي مک جيان ڪڍي ڦٽو ڪيو عمران ڪهڙي شئي آهي. اسانکي طريقو بدلڻو پوندو، جيل ڀرڻا پوندا ۽ ڀرينداسين. اسين جمهوريت ذريعي سڀني کان حساب وٺنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو