نيب جو نوٽيس آيو ته جي ايڇ ڪيو جو رخ ڪنداسين، حيدري

نيب جو نوٽيس آيو ته جي ايڇ ڪيو جو رخ ڪنداسين، حيدري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) مولانا عبدالغفور حيدري محترمه کي خراج پيش ڪندي چيو ته هوءَ فولادي اعصابي قوت واري عورت هئي ڊڪٽيٽرن کي للڪاريندي رهي. هن هڪ شعر پڙهيو ته شاهه ڪربلا سر ڪٽايو پر باطل آڏو جهڪڻ قبول نه ڪيو. هن چيو ته حڪمران بزدل آهن، بيساکين تي بيٺو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نيب نوٽيس ڏنو ته اسين جي ايڇ ڪيو جو رخ ڪنداسين ڇو ته اهڙي زندگي کان مرڻ بهتر آهي، ڇو ته نيب وارن کي رڳو سياستدانن جون پڳڙيون پيا لاهين. هن چيو ته حڪمرانن کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو