ڪورونا سبب 84 وڌيڪ فوت 2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب 84 وڌيڪ فوت 2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس سب ملڪ ۾ وڌيڪ 84 ماڻهو فوت ۽ 2هزار100 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا  35هزار621 ٽيسٽ ڪيا ويا  جنهن مان  2هزار142 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي ۽ 84   مريض ڪوروناوائرس سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ موجب  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناجي  مثبت شرح 5.7 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين  جو تعداد 9هزار557  چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک62هزار814 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 37هزار905 آهي.ان کان علاوه  24 ڪلاڪن ۾ 4هزار415 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙ مريضن جو ڪل تعداد 4لک15هزار352 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک06هزار489 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 3هزار379 مريض هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک33هزار179 آهي ۽ ڪورونا وائرس سبب 3هزار732  مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار980 آهي ۽ فوتين جو تعداد 179 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 55هزار811  آهي ۽ فوتين جو تعداد 1هزار563 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار040 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا آهن۽ 211  ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين 4هزار832 ڪورونا وائرس جا ڪل ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن ۽ 99 ڪوروناجا  مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جوڪل تعداد 36هزار483 ٿي چڪوآهي ۽ هن وقت تائين 394 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو