صدر ٽرمپ چونڊ نتيجن خلاف ٻيهر عدالت پهچي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي ڪيترين ئي وفاقي ۽ رياستي عدالتن مان چونڊن ۾ ڌانڌلي جا ڪيس خارج ٿيڻ باوجود صدر ڊونلڊ ٽرمپ سپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي.آمريڪي نشرياتي اداري موجب ٽرمپ پينسلوينيا جي چونڊ نتيجن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي، ڊاڪ ذريعي وڌل ووٽن ۾ بي ضابتگيون ٿيون آهن ان ڪري عدالت پينسلوينيا جي جنرل اسيمبلي کي پاڻ مرادو رياست جي اليڪٽرز جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي.صدر ٽرمپ جي وڪيل روڊي جولياني ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽيشن ۾ جوبائيڊن جي حامي اليڪٽرز جي مقرري جو به مطالبو ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه درخواست ڏيندڙ پٽيشن جي اهميت کي ڏسندي 6 جنوري کان اڳ ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پاران پينسلوينيا جي چونڊ نتيجن کي رد ڪرڻ جو ڪو امڪان نه هئڻ برابر آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو به ته مجموعي طور تي چونڊ نتيجن تي ان جو ڪو فرق نه پوندو ۽ جوبائيڊن ئي فاتح رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو