ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر جي سينئر صحافين امداد ڦلپوٽو ۽ عاشق جتوئي تي ٿيل مبينه قاتلاڻي حملي خلاف مختلف شهرن ۾ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو. ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ موجب ٻھ ڏينهن اڳ سکر جي سينئر صحافين امداد ڦلپوٽو ، عاشق جتوئي تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ پنوعاقل جي هڪ صحافي الطاف ڪلوڙ کي اغوا ڪرڻ ۽ ان کي بدترين تشدد ڪري کيس ٻانهن ڀڄڻ واري عمل جي خلاف ٺڪراٺو ۾ به صحافي سراپا احتجاج بڻيل صحافين جنهن ۾ ممتاز مهر، لعل ڏنو مهتم ، مجيد مهر ، حافظ ارباب علي راڄڙ ، علي گوهر مهر ، الهڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قلم ڪارن تي حملا ۽ ڪوڙا ڪيس ڪرڻ بند ڪيا وڃن ، وڏي افسوس جي ڳالھ آهي ته سکر جي هڪ نجي چينل جي بيورو آفيس تي پنوعاقل جي صحت کاتي ۾ هڪ پٽوالي عبدالله چاچڙ ۽ ان جي 10 کان وڌيڪ غنڊن حملو ڪري پنوعاقل جي صحافي الطاف ڪلوڙ کي سخت زخمي ڪرڻ بعد اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اتي ويٺل ٻين صحافين مزاحمت ڪئي جنهن تي صحافين تي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو ، جنهن بعد شهرين ۽ صحافين پاران حملي آورن مان ٽن ڄڻن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ۽ انهن خلاف ايف آء آر داخل ڪرائي وئي پر وڏي افسوس جي ڳالھ اها آهي ته سکر پوليس ابتو انهن جوابدارن کي لاڪپ ڪرڻ بدران انهن کي ڇڏي ڏنو ۽ وري سکر جي سينئر صحافين تي بااثر جوابدارن جي مديت ۾ ڪوڙو ڪائونٽر ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سکر پوليس جي اهڙي ڪڌي ڪم جي پرزور مذمت ڪجي ٿي.

*** اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب اوٻاوڙو ۽ مريد شاخ ۾ صحافين پاران سکر جي سينئر صحافين امداد ڦلپوٽومٿان ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. ان موقعي تي صحافين علي حسن مزاري صحافي۔عبدالقادر ابڙو ۔مومن علي مزاري ۔صحافي شيرباز شر ۔محمد وريام چاچڙ ۔محمد پارو مزاري ۔مولابخش مزاري ۔محمد حيات مزاري ۽ ٻين چيو ته سکر جي سينئر صحافين امداد حسين ڦلپوٽو ۔الطاف ڪلوڙ ۽ عاشق جتوئي مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کيس صحافين سان انصاف ڪيو وڃي نه ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي سکر آفيس احتجاج ڪيو ويندو.










