پوليو مهم ۾ لاپرواهي برداشت نه ڪنداسين، ڊي سي

پوليو مهم ۾ لاپرواهي برداشت نه ڪنداسين، ڊي سي

ميرپور ماٿيلو رپورٽ ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ چيو آهي ته پوليو مهم دوران نون ڄاول ٻارن تي خاص توجهه ڏني وڃي جڏهن ته ضلعي جي سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بعد فنگر مارڪننگ کي يقيني بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شاهد شاه، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر الطاف لهراڻي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر الطاف سومرو، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر وقار ڏهر، يونيسيف جي رحيم گڏاڻي، ڊسٽرڪٽ فيلڊ ڪوآرڊينيٽر الطاف احمد گجر سميت ميڊيڪل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اجتماعي ڪوششن سان ئي چئليجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ان سلسلي ۾ عوام کي به گهرجي ته هو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن ڪنهن جو به معصوم ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي.  ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مهم دوران جيڪي ورڪر بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندا ته انهن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي جڏهن ته لاپرواهي ڪندڙن کي بخش نه ڪبو ڇو ته هي اسان جي نسلن جي مستقبل جو سوال آهي. ان موقعي تي هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن کي پابند ڪيو ڪيو وڃي ته ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بعد فنگر مارڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته نون ڄاول توڙي خانه بدوش ٻارن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر رياض اختر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 11 جنوري کان 17 جنوري تائين جاري رهندڙ پوليو مهم دوران ضلعي جي 4 لک 10 ھزار 466 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ان سلسلي 232 ايريا انچارج، 68 يو سي ايم اوز، هڪ هزار 9 ٽيمون، 55 فڪس ٽيمون ۽ 70 ٽرانسٽ ٽيمون فرض ادا ڪنديون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻارڙن کي پوليو ڪي قطرن سان گڏ وٽامن اي به پياري ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو