سعودي خاشقجي قتل جا ثبوت مٽائڻ لاءِ ٽيم موڪلي،ترڪي

استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل جي ثبوتن کي مٽائڻ  لاءِ ماهرن جي ٽيم موڪلي هئي. رائٽرز جي مطابق  ترڪي جي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته صحافي جمال خاشقجي جي قتل کان هڪ هفتي بعد ئي سعودي عرب استنبول ۾ سعودي قونصل خاني۾ ثبوت مٽائڻ لاءِ ڪلين اپ ماهرن جي ٽيم موڪلي هئي. ترڪي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ماهرن جي ٻه رڪني ٽيم موڪلي هئي. جنهن ۾ هڪ ڪيميائي ۽ هڪ زهر جي ماهر کي جمال خاشقجي جي قتل جي ثبوتن کي صاف ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو هو.ترڪي جي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته صحافي جي قتل جو ثبوت مٽائڻ لاءِ ٽيم موڪلڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اعليٰ سعودي اهلڪار ڏوهه کان واقف هئا ، تنهن ڪري قونصل خاني  ۾ ثبوٽن مٽائڻ لاءِ ماهرن جي ٽيم موڪلي هئي.ترڪي جي عملدارن چيو ته 11 رڪني سعودي ٽيم ،جنهن ۾ احمد عبدالعزيز النجوبي ۽ يحيٰ الزهراني شامل آهن جيڪي صحافي جي قتل جا ثبوت مٽائڻ لاءِ ترڪي پهتا.واشنگٽن پوسٽ سان وابسته هڪ سعودي صحافي جمال خاشقگي 2 کي  آڪٽوبر 2018 تي ترڪي جي استنبول ۾ واقع سعودي قونصل خاني کان لاپتا ٿي ويو ، جنهن بعد اها تصديق ڪئي وئي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.انهي کانپوءِ سعودي عرب طرفان تسليم ڪيو ويو هو ته سعودي صحافي جمال خاشقجي استنبول ۾ قونصل خاني تي وڙهڻ دوران مارجي ويو هو.برطانوي ميڊيا موجب ، سعودي صحافي جي قتل کانپوءِ ، هن جو لاش وحشي طور تي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو ، جڏهن ته سندس گمشدگي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سعودي قونصل جنرل جي گهر جي باغ مان جمال خشوقجي جي لاش جا ٽڪرا  مليا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو