جبري برطرفين خلاف اسٽيل مل ملازمن جو ريلوي پٽڙي تي ڌرڻو

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي سوين پورهيتن جناح گيٽ اڳيان ڌرڻي بعد  ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي پٽڙين تي ڌرڻو  هنن چيو ته هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪري پورهيت دشمن حڪمرانن جو حشر تاريخ  ۾ عبرت ناڪ ٿيندو ڪرسي جي حوس ۾ حڪمران بيهوش ٿي ويا آهن جيڪڏهن  حڪمرانن هوش کان ڪم نه ورتو ته مستقبل ۾ کين پڇتائڻو پوندو. غلام مصطفي’ زرداري شوڪت ڪورائي،تفصيل موجب ملير جي پاڪستان اسٽيل مل مان وفاقي حڪومت پاران جبري طور برطرف ڪيل 8 هزار 544 پورهيتن مان باضابطه طور نيڪالي ڏنل 4 هزار 500 سو ملازمن ٻن ڏينهن کان پوءِ ٻيهر حڪمتِ عملي جوڙڻ بعد پورهيتن ٻيهر اسٽيل مل جي مک جناح گيٽ تي ڌرڻو هنيو پورهيتن طرفان پورهيت دشمن فيصلا نامنظور ملڪ دشمن فيصلا بند ڪيو جي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي صبح اٺين وڳي  کان لڳل ڌرڻو 4 ڪلاڪ جاري رهڻ بعد ڪراچي ريلوي ٽريڪ طرف منتقل ٿي ويو جتي پورهيت ريل جي  ايندڙ ويندڙ ٻنهي پٽڙين تي سمهي پيا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيت اڳواڻ غلام مصطفي’ زرداري شوڪت ڪورائي وسيم عاصم جواد سيٺار حيدر، ڌڻي بخش سمون، رضوان چيو ته پاڪستان پورهيتن جو ملڪ آهي پر هتي حڪمران بدبخت ۽ پورهيت دشمن آهن جهن جو پورھيت انقلاب سان خاتمو آڻينداسين هنن چيو ته پاڪستان اسٽيل مل خساري جو حل پورهيتن جي نيڪالي نه بلڪه حڪمرانن غلط پاليسين جو نتيجو آهي عمران خان وزير اعظم ٿيڻ کان پهرين پورهيتن لاءِ ڪيل واعدن تي نظر وجهي ڪرسي جي حوس ۾ اهڙا فيصلا نه ڪري جهن سبب کيس اقتدار کان پوءِ ملڪ رهڻ به ڏکيو ٿي وڃي اسان جي ٻچڙن جي مستقبل تباه ڪري عمران خان خوش نه رهي سگهندو هزارين پورهيتن جون بددعائون هڪ ڏينهن ان کان اقتدار جي ڪرسي کسي وٺنديون، پورهيتن اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آرمي چيف سميت مختلف ادارن کان گهر ڪئي ته فوري طور تي نوڪرين مان برطرف ڪيل پورهيتن کي واپس نوڪرين تي بحال ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو