جبري برطرف ڪيل ملازمن جو اسٽيل ملز آڏو ڌرڻو

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي)اسٽيل ملز مان جبري نيڪالي ڏنل پورهيت پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اڱاري تي صبح کان ٻيهر رستن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري اسٽيل ملز جي ٻن مک روڊن تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ملازمن  حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي جبري برطرفين جو حڪوم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

Photo Sindhyar

ملازمن اسٽيل ملز جي مک دروازي آڏو روڊ تي ڌرڻو هڻي ملز ڏانهن ويندڙ رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته اسٽيل ملز مان 4500 ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت جو چون آهي ته هر ملازم کي 23 لک روپيا ڏنا پيا وڃن. ملز خساري ۾ آهي هر مهيني 25 ڪروڙ پگهار ادا ڪرڻي پوي ٿي. حڪومت ملز جي زمين وڪرو ڪري خسارو پورو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو