ملير ۾ ايس يو پي پاران مچ ڪچهري ۽ ثقافتي ڏينهن ملهايو

ملير(رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير سچل ڳوٺ ڀرسان جوهر ڪمپليڪس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جي ميزباني هيٺ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مچ ڪچهري  ۽ صوفتاڻي محفل منعقد ڪئي وئي فنڪارن قومي ۽ صوفياڻو راڳ ڳائي محفل مچائي ڇڏي .مچ ڪچهري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ پائي شرڪت ڪئي ڪچهري ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ بشير سوڊر سان گلگت بلتستان کان آيل مهمان به سنڌ جي رنگن ۾ رنگجي ويا گلگت جو قومي رقص ۽ گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا سنڌي ثقافت جهڙو ڪنهن قوم جو لباس ناهي اسان جو لباس به امن محبت ۽ ڀائچاري جو ڏيک ڏيندو آهي صوفين جي ڌرتيءَ کي ڪجهه سنڌ دشمن قوتون  باھ جي بٺي ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون جهن کي هٿيارن سان نه بلڪه امن محبت ڀائيچاري ۽ صوفين جي ڏسيل واٽ سان وسائينداسين اعجاز ساميٽيو منير نائچ غلام مصطفي’ چانڊيو چيو .ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ شاندار مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت علائقي واسين واسين وڏي انگ شرڪت ڪئي مچ ڪچهري ۾ آيل صحافين ۽ سڀني مهمانن کي سنڌ جي انمول ثقافت اجرڪن تحفا ڏنا ويا مچ ڪچهري قومي راڳي خالد ڀٽي ۽ مزاحمتي شاعر مهر ڍرٻائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو محفل ۾ آيل ماڻهن جا منهن مرڪي پيا جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن جي نعرن جي گونج هر طرف ماڻهون خوشي منهجان منهنجا جذبا روڪي نه سگهيا جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن گاني تي جهمريون هڻي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز ساميٽيو ڪراچي ڊويزن صدر منير نائچ غلام مصطفي’ چانڊيو عنايت کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ هزارين سال قديم وطن آهي جنهن جي سڃاڻپ دنيا جي سمورن قومن جي لباس کان پهرين نمبر تي آهي رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ ڳالهائيندڙ ماڻهون نه بڪله اسان جو لباس به امن ڀائيچارو ۽ محبت جا تجلا ڏيندو آهي هنن چيو ته دنيا ۾ ماڻهن کي ملڪن سان سڃاتو ويندو آهي پر سنڌي اها واحد قوم آهي جنهن جي سڃاڻپ ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪي جي لباس سان ٿيندي آهي، محفل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بشير سوڍر سان آيل گلگت بلتستان جي مهمانن به شرڪت ڪئي جهن ۾ گلگت جي مشهور راڳي راشد اقبال صديق مغل گلگتي زبان ۾ گيت ڳائي گلگت جو قومي رقص ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو،

پهنجو تبصرو موڪليو