ملتان جلسو حڪومت سموريون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون

ملتان (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت قلعه ڪهه قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ پي ڊي ايم جلسي کي روڪڻ جي لاءِ رکيل رنڊڪون هٽائي ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ ڪارڪنن جو جلسي گاهه اچڻ وارو سلسلو جاري آهي.رپورٽ موجب اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم اڄ ملتان جي قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ جلسي جو اعلان ڪري رکيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جو شڪار ٿيڻ سبب  شهيد بينظير ڀٽو جي سڀني کان ننڍي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري به اڄ کان قومي سياست ۾ انٽري ڏئي رهي آهي جڏهن ته مريم نواز به ملتان طرف اچي رهي آهي.پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جلسي جي انتظامن لاءِ انصارالاسلام جا رضاڪار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جلسو ٿيڻ تائين ملتان ۾ رهنداسين. قاسم باغ اسٽيڊيم جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي روڊن کي بند ڪيو ويو هو جنهن سبب عام شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو پر هاڻ انتظاميه ملتان ايندڙ روڊن تان ڪنٽينر هٽائي ڇڏيا آهن ۽ روڊن کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو جنهن کان پوءِ ڪارڪن رڪاوٽون  هٽائيندي جلسي گاهه پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.ان کان اڳ اپوزيشن جي ڪارڪنن کي روڪڻ جي لاءِ ملتان جي اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي به پوليس جي وڏي نفري مقرر هئي. ٻين شهرن کان ملتان جي لاءِ بسون بڪ ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي هئي. ان کان علاوه ملتان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به وڏي پيماني تي سياسي ڪارڪنن جون گرفتاريون ٿيون جڏهن ته پوليس جي واڌو نفري، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون پڻ گهرايون ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو