فخري جي قتل ۾ اسرائيل ملوث آهي، بدلو وٺبو،ايران

تهران (ويب ڊيسڪ)ايران پنهنجي قتل ٿيل ايٽمي سائنسدان فخري زاده جي قتل جو الزام اسرائيل تي مڙهيندي بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. محسن فخري زاده کي جمعي ڏينهن گادي وار شهر ۾ دماوند جي علائقي ابسره ۾ سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ماريو ويو هو، ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي عسڪري مشير حسين ديغان چيو آهي ته حملي ۾ اسرائيل ملوث آهي ذميوارن کي نقصان پهچائينداسين، اولهه جون ڳجهيون ايجسنيون محسن فخري زادَي کي ايران جَي جوهري هٿيارن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏينديون هيون، مختلف ملڪن جا سفارتڪار ورِي کيس “ايران جَي بم جو پيءُ” چوندا هئا. هن جي حيثيٽ ايئن هئي جيئن پاڪستان ۾ ڊاڪٽر قدير خان جي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو