حمزه ۽ شهباز سڀاڻي آزاد ٿيندا، پٽ، نياڻي ۽ ناٺي اشتهاري قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جمعي تي پيرول تي آزاد ڪيو ويندو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سمري منظور ڪري ورتي، ذريعن موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بيگم شميم اختر جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويندو، جيل انتظاميا کي سمري جي منظوري بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي پُٽ سلمان شهباز، ڌيءُ رابعه عمران ۽ ناٺي هارون يوسف کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. لاهور جي احتساب عدالت جي جج جواد الحسن جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب جي ٽن شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا، عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايم پي اي جي حيثيت سان جيڪي رعايتون ورتيون، اُنهن جو رڪارڊ مهيا ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، ليگي ڪارڪنن جو به وڏو انگ عدالت ٻاهران موجود هو، جيل اختيارين شهباز شريف ۽ حمزه کي بڪتربند گاڏي بدران بلٽ پروف گاڏي ۾ پيش ڪيو، سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو