اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 59 ڪورو وائرس کان متاثر مريض فوت ٿي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 59 مريض فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 3 لک 82 هزار 892 ٿي ويو آهي ۽ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 7 هزار 803 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 589 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 42 هزار 115 آهي. ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 32 هزار 974 آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 66 هزار 033 ٿي ويو آهي پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 1 لک 15 هزار 786، خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 45 هزار 314 ،اسلام آباد ۾ 27 هزار 979 ۽ بلوچستان ۾ 16 هزار 891 آهي.










