ڪاروبار 6 وڳي بدران رات 8 وڳي بند ڪريو. تاجر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)واپارين ڪورونا ايس او پيز بابت سنڌ حڪومت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آل ڪراچي واپاري اتحاد جي چيئرمين عتيق مير جو رات اٺين وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت ڏيڻ ۽ هفتيوار موڪل رڳو آچر تائين محدود رکڻ جو مطالبو، ڪراچي چيمبر جي صدر شاهد ووهرا حڪومتي اعلان کي بهتر حڪمت عملي قرار ڏيندي چيو آهي ته عادتون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهيياد رهي ته سنڌ حڪومت 31 جنوري تائين جمعي ۽ آچر تي مارڪيٽ بند رکڻ ۽ 6 وڳي دوڪان بند ڪرڻ، اوپن ايريا شادي هال 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو