واپار ۾ اسان جي رينڪنگ پاڙيسرين کان بهتر آهي،حفظ شيخ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزير اعظم عمران خان جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ڊبليو ٽي اوجي واپاري سهولتن واري معاهدي تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي درجابندي هندستان ۽ بنگلاديش کان بهتر آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ حفيظ شيخ چيو ته ڊبليو ٽي او جو واپاري سهولتن جي معاهدي تي عمل درآمد سان پاڪستان جي درجه بندي 79 سيڪڙو بهتر ٿي آهي جيڪا علائقي ۾ هندستان ۽ بنگلاديش کان بهتر آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي مطابق،2018 ۾ پاڪستان جي درجه بندي 34 سيڪڙو هئي. هن چيو ته معاهدي تحت فراهم ڪيل واپاري سهولتون ملڪ جي معيشت ۽ روزگار کي بهتر بڻائي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو